سنڌي ناٽڪ

سنڌي ناٽڪ

سنڌي ناٽڪ

سنڌي ناٽڪ (ڪتاب): ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ جي اڀياس، اوسر ۽ تنقيد تي مشتمل هي ڪتاب، هند - سنڌ جي نامياري ناٽڪ نويس ۽ اديب پريم پرڪاش جي ليکن تي مشتمل آهي: ”هي اهڙو مجموعي اڀياس آهي، جنهن ۾ منهنجو آزمودو، اڀياس، اَنڀؤ سنسار (تجرباتي دنيا) سوچ، سمجھه، پسند، پهچ، رخ، هدايتڪاريءَ جي منهنجي ڏانوَ سان گڏ ورهاڱي بعد همعصر ناٽڪ ۽ رنگ منچ جو منهنجي درشٽيءَ (نظر) کان جائزو به شامل آهي.
هن 520 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ 47 مقالا، ريڊيو تقريرون، مهاڳ، ايڊيٽيوريل، نوٽ، ڪالم، نوٽس ۽ تنقيدون شامل آهن. سندس مقالن ۽ تقريرن وغيره جا ڪجھه عنوان هن ريت آهن: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ساهت/ناٽڪ جي سروي، سنڌي ناٽڪ جا پنجاهه سال، 1980ع کانپوءِ واري سنڌي ناٽڪ ۾ سنڌيت، سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ۾ تجربا، ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ جي اوسر، سنڌيءَ ۾ ڇپيل نئين ناٽڪ جو ڇيد، سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جا سؤ سال ۽ ڪجھه جھلڪيون، سنڌيءَ ۾ سنجيده ناٽڪ جي تلاش، سنڌي ناٽڪ ۾ جدت، خطرن جو ماحول ۽ ايڪيانڪي ناٽڪ، سنڌي ناٽڪ نيون راهون نوان موڙ، سنڌي ناٽڪ تي ٻين ٻولين جو اثر، منگھارام ملڪاڻيءَ جا ناٽڪ، جيون گرسهاڻي، شيام جئسنگھاڻي، سندر اگناڻيءَ جا ناٽڪ، ناٽڪ رنگ منچ سان جڙيل ٻيا فن، سنڌيءَ ۾ اڪانامي ٿيٽر جي ضرورت ۽ بدلاءُ، ناٽڪ ۽ رنگ منچ سان وابسته لفظن جي فهرست وغيره شامل آهي.
ڊيمي سائيز جي 520 صفحن جو هي ڪتاب، NCPSL ودواڙا جي مالي مدد سان، پريم پرڪاش، ڪرشن نگر، احمد آباد (انڊيا) مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 110 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي ناٽڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو